ڊبليو ايڇ هيولاڪ

ڊبليو. ايڇ. هيولاڪ: انگريز دؤر ۾ سنڌ اندر مقرر ٿيندڙ اٺون ڪمشنر وليم هينري هيولاڪ 8 ڊسمبر 1826ع تي ڄائو. هي، بمبئي سول سروس جو انتهائي تجربيڪار آفيسر هو. 1867ع ۾ ڪمشنر جي. جي. مور جو مدو پورو ٿيڻ تي انگريز سرڪار پاران ڪرنل وليم ميريويڌر کي سنڌ جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو مگر هُو حبش جي لڙائي ۾ مصروف هو، تنهن ڪري عارضي بنيادن تي ڪمشنر جو عهدو وليم هينري هيولاڪ جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جون 1867ع کان جولاءِ 1868ع تائين ڪمشنر جون ذميواريون نڀايون. ان دوران ’جان مور‘ سندس اسسٽنٽ رهيو.هن، پوليس جي اڳوڻي طريقي ڪار ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪئي ۽ پوليس عملدارن جي پگهارن ۾ واڌارو پڻ ڪيو.سندس چارج وٺڻ کان اڳ ضلعي آفيسرن کي، جيڪي يورپي هوندا هئا، انهن کي ’پوليس ڪپتان‘ سڏيو ويندو هو ۽ ڏيهي/مقامي عملدارن کي رسالدار، صوبيدار، جمعدار، حوالدار، نائڪ، سپاهي ۽ سوار سڏيندا هئا. جڏهن ته وڏن شهرن جي پوليس عملدارن کي ’فوجدار‘ ڪوٺيندا هئا. بعد ۾ سندس تجويز ڪيل رٿ موجب پوليس جي يورپي ضلعي آفيسرن کي ’ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس‘ سڏيو ويو ۽ ڏيهي/مقامي عملدارن کي انسپيڪٽر، چيف ڪانسٽيبل ۽ هيڊ ڪانسٽيبل جا نالا ڏنا ويا. ساڳي ريت وڏن شهرن جي پوليس عملدارن کي ’ٽائون انسپيڪٽر‘ جو نالو ڏنو ويو. مطلب ته فارسي ٻوليءَ جي لقبن کي انگريزي ٻوليءَ جي لقبن سان بدلايو ويو، جن مان ڪجهه اڄ به سنڌ جي پوليس کاتي ۾ مروج آهن. سندس ئي دؤر ۾ استادن جي سکيا لاءِ هڪ نارمل ا سڪول سکر ۾ کوليو ويو.هن، 01 نومبر 1876ع تي وفات ڪئي. سندس نالي پويان ڪراچيءَ (سنڌ) ۾ ’هيولاڪ روڊ‘ قائم هو، جيڪو هاڻي ايوانِ صدر روڊ سڏجي ٿو، جتي گورنر هائوس قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو